16 جمعہ , نومبر 2018

ڄام ڪمال بلوچستان جي وڏي وزير جو حلف کڻي ورتو

 

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي نئين چونڊيل وڏي وزير ڄام ڪمال عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. بلوچستان جي وڏي وزير جي حلف برداري تقريب گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ ٿي، جنهن ۾ بلوچستان اسيمبلي اسپيڪر، اسيمبلي ميمبرن، نگران وڏي وزير علاءُ الدين مري، آءِ جي پوليس، آءِ جي ايف سي ۽ چيف سيڪريٽري سميت ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بلوچستان جي گورنر محمد خان اچڪزئي، ڄام ڪمال کان وڏ وزارت جو حلف ورتو. واضح رهي ته ڄام ڪمال بلوچستان عوامي پارٽي جو صدر آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

زلفي بخاري ڪيس: وڏن عهدن تي مقرري اهم فرض، دوستي تحت معاملا نه هلندا: سپريم ڪورٽ

لاهور(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ وزير اعطم عمران خان جي ويجهي ساٿي ۽ خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے