21 بدھ , نومبر 2018

اين ايف سي ۾ سنڌ کي جائز حصو ملڻ گهرجي: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قومي مالياتي ڪميشن ۾ سنڌ کي ان جو جائز حصو ملڻ گهرجي، قومي معيشت ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو سنڌ ڏيندو آهي. ڪابينا سان گڏ قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته منهنجي ڪابينا تجربي ڪار آهي، وفاق سنڌ کي حق ڏنا ته ان جي هر قدم کي سپورٽ ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته احتساب ٿيڻ گهرجي پر سياسي انتقام جي نالي تي نه، سنڌ جي عوام پ پ جي ڀروسو ڪيو، الله پاڪ اسان کي سنڌ جي خدمت ڪرڻ جي همت ڏئي، اسان پاڻي ۽ آبادگارن جا مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته نواز شريف 4 سال وزيراعظم رهيو پر هڪ رات به ڪراچي ۾ نه ترسيو، وفاق ڪراچي لاءِ ڪو پيڪيج نه ڏنو، اسان ڪراچي جي عوام سان واعدو ڪيو هو ته شهر جون رونقون بحال ڪنداسين، شهر کي دهشتگردن کان پاڪ ڪنداسين، اسان جيڪو آپريشن ڪيو، ان جو ڪٿي به مثال نٿو ملي. مراد علي شاهه چيو ته دهشتگردي جي خاتمي کانپوءِ هاڻ شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪرائينداسين، پاڻي کوٽ ختم ڪئي ويندي ۽ نيڪالي نظام درست ڪيو ويندو، شهر مان گند ڪچرو ختم ڪنداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …