13 جمعرات , دسمبر 2018

موٽر وي پوليس سعد رفيق جو چالان ڪاٽي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق جو اوور اسپيڊنگ تي موٽر وي پوليس چالان ڪاٽي ڇڏيو آهي. خواجا سعد رفيق اڇي پراڊو ۽ ڪاري ويگو جي پروٽوڪول سان صوبائي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو ۽ اڇي پراڊو سندس ڊرائيور نسيم هلائي رهيو هو. موٽر وي پوليس موجب خواجا سعد رفيق جي گاڏي جي رفتار 136 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ هئي، جڏهن ته جتي چالان ڪيو ويو، اتي رفتار جي مقرر حد 120 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آهي. موٽر وي پوليس ٻڌايو ته خواجا سعد رفيق جو چالان راوي ٽول پلازا ڀرسان ڪاٽيو ويو. پوليس آفيسر طرفان ڪاٽيل چالان سلپ ۾ اڳوڻي وفاقي وزير تي 750 رپيا ڏنڊ مڙهيو ويو، جيڪو موٽر وي پوليس جي قاعدن تحت ٿڏي تي ئي وصول ڪيو ويو. رڪارڊ موجب چالان سلپ لاهور اسلام آباد موٽر وي سيڪشن ايم ٽو تي آچر 9 آگسٽ جي صبح 9 لڳي 40 منٽن تي جاري ڪئي وئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے