15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ڊگهڙي: ننڍي ڄمار جي ڌي کي زبردستي پرڻائڻ تي عورت پاران مڙس خلاف احتجاج

Dighri: Woman protests against husband to overwhelm younger womenڊگهڙي ۾ ننڍي ڄمار جي ڌي کي زبردستي پرڻائڻ تي عورت مڙس خلاف پريس ڪلب پهتي.

مير پاڙي واسڻ فائيلا قمبراڻي ماءُ سميت پريس ڪلب پهچي مڙس جي ڏاڍ خلاف دانهيو.

عورت فائيلا جو چوڻ هو ته سندس مڙس عمر قمبراڻي سندس 13 ورهين جي نياڻي جا ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي پئسن عيوض زبردستي شادي ڪرائي رهيو آهي.

هن چيو ته 6 مهينا اڳ مڙس مٿس تشدد ڪري 5 ورهين جي پٽ ۽ 13 ورهين جي ڌيءُ گل جهان کي پاڻ سان گڏ وٺي گم ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد هاڻي خبر پئي ته هو شاهنواز خاصخيلي نالي شخص سان ڌيءُ جي زبردستي شادي ڪرائي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته سندس مڙس عمر ننڍي ڄمار ۾ نياني جي شادي ڪرائي ظلم ڪري رهيو آهي، جنهن سبب هو سخت پريشان آهن.

عورت ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سندس مڙس خلاف ڪارروائي ڪري ۽ ڌيءُ کي واپس ڪرائي ساڻن انصاف ڪن………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:شادي پلي: صفائي نه ٿيڻ خلاف شهرين جو احتجاج

* شادي پلي ۾  ٽائون انتظاميا جي نااهلي ۽ غفلت سبب شهر گندگي جي ڍير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے