13 منگل , نومبر 2018

نيوز: ٺٽو: عيدالاضحيٰ تي به شهر گندگي جو ڍير بڻيل

Thatta: The city was built as an ovenٺٽي ۾عيدالاضحيٰ جي موقعي تي به صفائي سٿرائي نه ٿيڻ سبب شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو.

شهر جي سڀني وارڊن ۾ گندي پاڻي جي نيڪالي نه ٿيڻ ۽ گندگي سبب مختلف وبائي بيماريون پکڙجڻ ڪري شهري پريشان بڻجي ويا.

هوڏانهن ڪاشيگر پاڙو، واسواڻي، شڪر الاهي، شاھ مبين ۽ ٻين علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ ٿي ويو، جنهن سبب شهري پئسن عيوض پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن.

ان سلسلي ۾ عبدالحئي مغل، عرفان شاھ ۽ جاويد غني سميت ٻين شهرين جو چوڻ هو ته ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي ڪروڙين رپيا ماهوار بجيٽ آهي پر خبر ناهي اها رقم ڪٿي پئي خرچ ٿئي.

هنن چيو ته ايتري بجيٽ هجڻ باوجود شهر جي صفائي ۽ سٿرائي وارو نظام درست ناهي ٿي سگهيو، جنهن سبب هو سخت ڏکياين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

شهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شهر ۾ صفائي ۽ سٿرائي وارو نظام اثرائتو بڻائي سندن پريشاني ختم ڪن………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے