19 پیر , نومبر 2018

نيوز: سانگهڙ: وارثن پاران درويش صفت نوجوان تي پوليس تشدد خلاف احتجاج

Sanghar: Heritage demonstrates protest against police violence on a Darish-e-Sadat youthسانگهڙ ڀرسان وارثن پاران درويش صفت نوجوان تي پوليس تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 پراڻي نئون آباد  جي درويش صفت نوجوان اياز چنڊ تي پوليس تشدد خلاف عطا حسين، محمد بخش ۽ ٻين ايس ايس آفيس ۽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرا ڪيا.

ميڊيا سان ڳالهائيندي وارثن چيو ته   نئو آباد پوليس بنا جواز تشدد درويش صفت نوجوان اياز کي تشدد جو نشانو بڻايو.

هنن الزام هنيو ته نئو آباد ۽ پيرومل پوليس جي جمعدار سوڍو خان مھر جي چوڻ تي بنا ڪنهن ايف آئي آر جي نوجوان کي لاڪپ ڪري تشدد جو نشانو بڻايو.

سندن چوڻ هو ته هو شڪايت کڻي ايس ايس پي ڏانهن ويا، پر ٻڌايو ويو ته ايس ايس پي اڃا تائين آفيس ناهي آيو.

تشدد جو نشانو بڻايل نوجوان جي وارثن ايس ايس پي سانگهڙ کان مطالبو ڪيو ته پوليس خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪن…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: احڪومت جا 100 ڏينهن 100 ڪوڙ تي ٻڌل آهن: آصف زرداري جو ترجمان

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ترجمان عامر فدا پراچا چيو آهي ته فواد چوڌري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے