18 اتوار , نومبر 2018

وزيراعظم عمران خان جي 16 رڪني ڪابينا قسم کڻي ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان 21 رڪني وفاقي ڪابينا ۾ شامل 16 رڪني وزيرن ايوان صدر ۾ قسم کڻي ورتو آهي، جڏهن ته 5 صلاحڪارن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. ايوان صدر ۾ صدر ممنون حسين وفاقي ڪابينا کان قسم ورتو. تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان به شرڪت ڪئي. قسم کڻندرن ۾ شاهه محمود قريشي، اسد عمر، پرويز خٽڪ، شيرين مزاري، فروغ نسيم، خالد مقبول صديقي، شيخ رشيد، زبيده جلال، فواد چوڌري، غلام سرور خان، طارق بشير چيما، فهميده مرزا، شفقت محمود، عامر ڪياني، مولانا نور الحق ۽ خسرو بختيار شامل آهن. صلاحڪارن ۾ محمد شهزاد، عبدالرزاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، امين اسلم ۽ بابر اعواڻ شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے