18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: ميرپوربٺورو: ٽائون ڪاميٽي انتظاميا پاران ڪچن ملازمن کي فارغ ڪرڻ خلاف احتجاج جاري

Mirpurbathoro: Protest by town committee for firing kitchen management*ميرپوربٺورو ٽائون ڪاميٽي انتظاميا پاران ھڪ سئو ڪچن ملازمن کي فارغ ڪرڻ بعد اڄ ٻئين ڏينھن به صفائي وارو ڪم بند ھُجڻ سبب سمورو شھر گند جي ڍير ۾ تبديل ٿي چڪو آھي

گٽرناليون اٿلي  پوڻ سبب گرلس ھاءِ  اسڪول ، گرلس پرائمري اسڪول ۽ ال آصف پبلڪ اسڪول واري رستي سميت اڪثر روڊن ۽ گھٽين ۾ نيڪال وارو بدبودار پاڻي بيھي ويو آھي.

ھوڏانھن ٽائون جي ڪچن ملازمن پاران نوڪرين مان  فارغ ڪرڻ ۽ عيد  تي پگھار نه ملڻ تي ٽائون چئرمين اياز ميمڻ ۽ ٽائون آفيسر باقر بروھي خلاف ٽائون آفيس ۽ پريس ڪلب اڳيان ڌار ڌار احتجاجي مظاھرا ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ملازمن بابو ملاح ،نديم مسيح،  جمعون ٺاراڻي،  نورعلي ملاح ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ٽائون چئرمين ۽ ٽائون آفيسر عيد جي موقعي تي نوڪرين مان فارغ ڪري سخت زيادتي ڪئي آھي

هنن  چيو ته ڪيترن سالن کان ڊوٽيون ڪري رھيا پر پڪو ڪرڻ جي بجاءِ  مرڳو نوڪرين مان برطرف ڪري بک ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو ويو .

ملازمن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوڪرين تي بحال ڪري عيد پگھار ڏياري وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو ……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے