15 جمعرات , نومبر 2018

ناشتو نه ڪرڻ سان دل جي بيمارين جو خطرو وڌي ويندو آهي: ماهر

ڪراچي( ويب ڊيسڪ) طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ناشتو نه ڪرڻ سان دل جي دؤري ۽ دل جي بيمارين جو خطرو 27 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي. ماهرن جي جديد تحقيق موجب جيڪي ماڻهو صبح جو ناشتو ناهن ڪندا انهن ۾ دل جي دؤري جي بيمارين جي امڪان جو خطرو وڌي ويندو آهي، ڇو جو صبح جو خوراڪ ڇڏڻ سان جسم ۾ دٻاءُ ۾ اضافو ٿي ويندو آهي. ناشتو نه ڪرڻ ٿولهه، شگر، دل جي بيمارين ۽ فالج جو بنيادي سبب بڻجي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته باقاعدگيءَ سان ناشتو ڪرڻ سان دل جي دؤري ۽ دل جي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو. ناشتو ڪرڻ سان ميٽابولزم جي شرح وڌي ويندي آهي جنهن سبب ننڊ دوران ڪيليوريز سڙڻ جو سست ٿيل عمل ٻيهر شروع ٿي ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪافي پيئڻ سان توانائي ۾ اضافو ٿيندو آهي: تحقيق

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته ڪافي پيئڻ سان نه صرف انسان جي توانائي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے