13 منگل , نومبر 2018

نيوز: مدئجي: سول جج  گڙهي ياسين جو  ٿاڻي تي ڇاپو،  ناحق لاڪپ ٿيل ٽي ڄڻا آزاد

Madeji: Civil judge raid on nearer police station, innocents people got freedom*مدئجي ۾ سول جج گڙهي ياسين ڇاپو هڻي ٿاڻي تي لاڪپ  ٿيل 3 ڄڻن کي آزاد ڪرائي ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي عدالت طلب ڪري ورتو آهي.

جج ٿاڻي تي اوچتو ڇاپو هڻي  عبدالغفور ميربحر، عبدالحفيظ، ضمير حسين جتوئي کي آزاد ڪرائي ورتو جڏهن ته ايس ايڇ او مدئجي غلام مرتضي ميراڻي کي ڌرين سميت 25 اگسٽ تي عدالت طلب ڪيو آهي.

هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي مدئجي پوليس ٻڌايو ته غلام.حيدر  گهانگهرو اسان وٽ ميراڻي برادري جي ماڻهن مٿان اين سي داخل ڪرائي هئي جنهن ۾ هنن ٽنهي ڃڻن جا نالا هئا جن کي گرفتار ڪيو.

هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته مدئجي پوليس ميراڻي برادري جي ماڻهن سان گڏ ويٺل ضمير حسين جتوئي کي پڻ کنڀي آئي جنهن کان رشوت طلب ڪئي جنهن کان پوءِ   ضمير حسين جي وارثن عدالت ۾  درخواست ڪئي هئي………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے