20 منگل , نومبر 2018

نيوز: سکر: ليبر يونين  پاران سيپڪو  جي زيادتين خلاف احتجاج، ڌرڻو

Sukkur: Protest against Extremism of SEPKO * سکر ۾ آل پاڪستان واپڊا ھائينڊرو اليڪٽرڪ ليبر يونين  پاران سيپڪو سکر جي چيف جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري ڌرڻو ھنيو ويو .

ملازمن عقيل جوڻيجو ، عبدالحليم آخوند، جاويد عباسي ، رزاق کوسو  ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سيپڪو چيف خالد ڀٽي سيپڪو جي محنت ڪش ملازمن سان بلاجواز زيادتون ڪري رھيو آھي.

 هنن چيو ته  رات جو ملازمن کان ڪم ورتو پيو وڃي  سيپڪو  چيف جي اھڙي حڪم خلاف آواز اٿارڻ تي عقيل جوڻيجو کي معطل ڪيو ويو  آھي.

 اڳواڻن چيو ته چيف سيپڪو جي زيادتين جو نوٽيس وٺي عقيل جوڻيجو  کي بحال ڪري ملازمن سان زيادتين جو سلسلو بند ڪيو وڃي…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : اسلام آباد: پي ايس ايل چوٿين ايڊيشن جي ڊرافٽنگ تقريب

پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي ڊرافٽنگ جي تقريب اسلام آباد ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے