20 منگل , نومبر 2018

ڪراچي ۾ ڪانگو وائرس جو وڌيڪ هڪ ڪيس ظاهر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪانگو وائرس جو وڌيڪ هڪ ڪيس سامهون آيو آهي ۽ مرض جو شڪار نيو ڪراچي جو رهواسي نوجوان جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيمي جمالي موجب نيو ڪراچي جي رهواسي 23 ورهين جي سلمان کي ڇنڇر ڏينهن اسپتال آندو ويو ۽ ٽيسٽ کانپوءِ سندس جسم ۾ ڪانگو وائرس جي موجودگي جي تصديق ٿي. سيمي جمالي جو چوڻ هو ته ان کان اڳ جناح اسپتال ۾ هلندڙ سال ڪانگو جا متاثر 8 مريض آندا ويا، جن مان ٻه لاڏاڻو ڪري ويا. هن وڌيڪ چيو ته قربانيءَ جو جانور خريدڻ وقت ۽ قرباني ڪندي احتياط ڪيو وڃي. ماهرن موجب هڏين ۽ پيٽ ۾ سور، تيز بخار ۽ جسم جي ڪنهن به حصي مان رت اچڻ ڪانگو جي علامت آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم عمران خان 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ملائشيا روانو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان ٻن جي سرڪاري دوري تي ملائيشيا روانو ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے