22 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ڊکڻ: ڳوٺاڻن پاران پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

Dakhan: Protestants protest the police's postڊکڻ ۾ ڳوٺاڻن پاران پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

ڳوٺاڻن سفير ،عرفان ۽ وسيم سيال جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب ڊکڻ آڏو ڌرڻو هنيو

ان موقعي تي دانهيندي سفير سيال ٻڌايو ته رتوديرو ٿاڻي جي ٻن پوليس اهلڪارن عابد سومرو ۽ عامر سومرو بس اسٽينڊ وٽ گاڏي روڪي 5 هزار عيد خرچي گهري نه ڏيڻ تي هنن مون تي لٺين ۽ ٺونشن جا وسڪارا ڪري ڏنا،

هن الزام هڻندي چيو ته پوليس اهلڪارن سندس کيسي مان 19 هزار روڪ رقم،ڊرائيونگ لائسنس،گاڏي جا اصل ڪاغذ۽ سڃاڻپ ڪارڊ کسي فرار ٿي ويا،جيڪي واپس گهرڻ تي ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسائڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن،

احتجاج ڪندڙ ايس ايس پي کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي…………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:شڪارپور: ٽرالر ڪلٽي، 2 زخمي، هزارين لٽر تيل ضايع

*شڪارپور ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڪار کي بچائيندي ٽرالر ڪلٽي ٿي پيو جنهن سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے