14 بدھ , نومبر 2018

مرزا شهزاد اڪبر وزيراعظم جو احتساب لاءِ خاص مددگار مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان، مرزا شهزاد اڪبر کي احتساب بابت خاص مددگار مقرر ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ پاڻ کان احتساب شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ گذريل ڏينهن قوم کي پهريون خطاب ڪندي هن ملڪ ۾ ان حوالي سان سڌارا لاڳو ڪرڻ جو چيو هو. وزيراعظم هاڻ پنهنجي اعلان کي عملي جامو پهرائڻ ۽ احتساب جي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ مرزا شهزاد اڪبر کي خاص مددگار مقرر ڪيو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب مرزا شهزاد اڪبر جو عهدو مملڪتي وزير برابر هوندو. واضح رهي ته بئريسٽر مرزا شهزاد اڪبر نيب جو اڳوڻو اسپيشل پراسيڪيوٽر آهي ۽ کيس احتساب عدالتن جي معاملن بابت به تجربو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

بحريا ٽائون ڪيس: فيصلي تي هن سال ئي عمل ڪرايو ويندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون جي رهواسين کي هر صورت ۾ تحفظ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے