18 اتوار , نومبر 2018

افغان طالبان جنگ بندي واري حڪومتي آڇ رد ڪري ڇڏي

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغان طالبان حڪومت طرفان جنگ بندي جي آڇ ڪندي 150 جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي اغوا ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب افغان طالبان جي هڪ ترجمان طرفان جاري بيان ۾ صدر اشرف غني جي جنگ بندي واري آڇ کي رد ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب افغان سپريم ليڊر جو چوڻ آهي ته حڪومت جي خلاف ويڙهه جاري رهندي، اسان جي جنگ بندي سان آمريڪي فروسز کي افغانستان ۾ قيام وڌائڻ جو موقعو ملندو. ٻئي پاسي افغان طالبان ڏکڻ افغانستان ۾  ٽن بسن ۾ موجود 150 جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي اغوا ڪري ورتو. ان حوالي سان افغان طالبان جو چوڻ آهي ته اسان افغان فورسز جو پيڇو ڪري رهيا آهيون، بسن ۾ موجود عام شهرين کي آزاد ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے