16 جمعہ , نومبر 2018

نجم سيٺي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، احسان ماني نئون پي سي بي چيئرمين مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ) نجم سيٺي نئين حڪومت ايندي ئي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ وزيراعظم عمران خان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي اڳوڻي صدر احسان ماني کي بورڊ جو نئون چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته احسان ماني کي پي سي بي چيئرمين مقرر ڪيو آهي، هو پاڻ سان گڏ وڏو ۽ قيمتي تجربو آڻيندو، احسان ماني انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، هو ٽن ورهين تائين آءِ سي سي ۾ خزانچي رهيو ۽ پوءِ هن ٽن سالن تائين آءِ سي سي جي سربراهي ڪئي. ان کان اڳ نجم سيٺي ٽوئيٽر تي پنهنجي استعيفيٰ جي هڪ ڪاپي جاري ڪندي چيو ته مان پنهنجي استعيفيٰ کان اڳ  وزيراعظم طرفان حلف کڻڻ جو انتظار ڪري رهيو هيس. هن عمران خان کي موڪليل پنهنجي استعيفيٰ ۾ لکيو ته مون کي آگسٽ 2017 ۾ بورڊ آف گورنرز جي 10 ميمبرن گڏيل راءِ سان 3 سالن لاءِ پي سي بي چيئرمين مقرر ڪيو هو. نجم سيٺي وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ڪيترن ئي موقعن تي چئي چڪا آهيو ته پاڪستاني ڪرڪيٽ لاءِ توهان جو هڪ مقصد آهي، تنهن ڪري بهتر هوندو ته توهان اهو عهدو سنڀاليو ۽ ذميواري اهڙي مئنيجمينٽ حوالي ڪيو، جنهن سان توهان کي مڪمل اعتماد حاصل ٿئي. سندس چوڻ هو ته مان پاڪستاني ڪرڪيٽ جي مفاد لاءِ توهان جي مقصد کي پورو ڪرڻ خاطر پي سي بي چيئرمين ۽ بورڊ آف گورنر جي رڪن جي حيثيت سان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے