16 جمعہ , نومبر 2018

يورپي يونين ايٽمي معاهدي جي تحفظ لاءِ تيز رفتار قدم کڻي: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ايٽمي معاهدي تي صحيح ڪندڙ يورپي ۽ ٻيا ملڪ ظاهري طور ان ڊيل کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ۾ آهن پر اهو عمل سست آهي، جنهن کي تيز رفتار بڻائڻ جي ضرورت آهي. تهران ۾ پرڏيهي وزارت جي ترجمان بهرام قاسمي چيو ته ايران آمريڪي پابندين کانپوءِ ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ پنهنجي سر پاڻ عمل ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته آمريڪا، ايران سان ايٽمي معاهدي تان هٿ کڻڻ کانپوءِ تهران حڪومت مختلف پابنديون 7 آگسٽ تي لاڳو ڪيون هيون. واشنگٽن طرفان اهڙين پابندين بابت ايندڙ اعلان نومبر ۾ ڪيو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري سريلنڪن وزيراعظم راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي قرارداد منظور

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ ) سريلنڪن پارليامنٽ تڪراري وزيراعظم مهندا راجا پاڪسا خلاف عدم اعتماد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے