17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: مٺي: پ پ اڳواڻ چندر شرما جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي

Mithi: PPP leader Chandar Sharma important progress in murderمٺي شهر ۾ فقير صادق چوڪ وٽ ٻه ڏينهن اڳ سرعام گوليون هڻي قتل ڪيل پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي جي پرسنل سيڪريٽري چندر شرما جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي،

پوليس پاران سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ مليل شاهدين مطابق مک جوابدار جي نشاندهي ڍورو نارو واسي سيتارام ڪولهي نالي ڪري ورتي آهي،جيڪو مک جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي،

جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپن جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي،انهي سلسلي ۾ ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب پوليس غلا منبي شاهه ۾ ڇاپو هڻي مک جوابدار سيتارام سميت هڪ عورت کي گرفتار ڪيو آهي

ايس ايس پي گرفتارين جي تصديق ناهي ڪئي،مليل ڄاڻ موجب چندر شرما کي سيتارام نالي نوجوان گوليون هڻي قتل ڪيو هو پوليس شاهديون ملڻ بعد مک جوابدار جي تصديق ڪئي آهي

تڏي تي پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي،سشيل ملاڻي ۽ چندر جا ڀائر تعزيتون وصول ڪري رهيا آهن،انهي سلسلي ۾ پ پ اڳواڻ چندر شرما جي تڏي تي ايم پي اي ارباب لطف الله،ارباب امير امان الله،ايم پي اي فقير شيرمحمد بلالاڻي ۽ ٻين پهچي تعزيت ڪئي

عوامي آواز پاران ڪيل رابطي تي ايس ايس پي ٿرپارڪر عمران قريشي ٻڌايو ته جيڪي اسان کي سي سي ٽي وي ڦوٽيج ۽ شاهديون مليون آهن انهن مطابق مک قاتل سيتارام آهي،جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن

 انشاءُالله جلد قاتل کي گرفتار ڪيو ويندو،پوليس قتل ڪيس ۾ ڏينهن ۽ رات محنت ڪري اصل جوابدار تائين رسائي حاصل ڪئي آهي اسان جي پوري ڪوشش آهي ته مقتول جي وارثن سان تڪڙو انصاف ٿئي ۽ جوابدار کي سزا ملي،

انهي لاءِ اسين ڪوششن ۾ رڌل آهيون،مک جوابدار کي جلد گرفتار ڪري عوام ۽ ميڊيا جي سامهون آندو ويندو…………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:حيدرآباد: ڳوٺ ميوو خان حاجاڻو جي رهواسين جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

حيدرآباد ويجهو  ڳوٺ ميوو خان  حاجاڻو جي رهواسين پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے