14 بدھ , نومبر 2018

آصف زرداري جي انور مجيد سان ملاقات ڪرائڻ تان ايف آءِ اي جا 2 آفيسر بدلي

 ڪراچي(رپورٽر) مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ ملوث انور مجيد جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪرائيندڙ ايف آءِ اي جي ٻه آفيسرن کي بدلي ڪيو ويو . اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪرائڻ تي ايف آءِ اي جي ٻن آفيسرن جي بدلي ڪئي وئي آهي. ڪراچي جي اسپتال اين آءِ سي وي ڊي ۾ علاج هيٺ انور مجيد سان آچر جي ڏينهن اڳوڻي صدر سميت اعليٰ شخصيتن ملاقات ڪئي. ان کان اڳ به ايف آءِ اي جي آفيس ۾ انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني مجيد جي ملاقات پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ ٻين اعليٰ سياسي شخصيتن سان ڪرائي وئي. ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي بشير ميمڻ ان معاملي جو نوٽيس وٺندي آفيسرن کي بدلي ڪيو، ايف آءِ اي جي اڳوڻي انسپيڪٽر رحمت الله ڊومڪي جي بدلي گلگت ۽ سب انسپيڪٽر حبيب الرحمان جي تافتان بارڊر تي ڪئي وئي آهي.0630

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب فوت 2 معصوم ڀائر مٽي ماءُ حوالي، رشتيدارن جا بيان قلمبند

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي زم زمه ۾ هڪ هوٽل مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے