17 ہفتہ , نومبر 2018

16 وفاقي وزيرن حلف کڻي ورتو، 3 عورتون به شامل

اسلام آباد (م ڊ) صدر ممنون حسين ٽن عورتن سميت 16 رڪني وفاقي ڪابينا کان حلف ورتو. حلف برداري جي سادي پر پروقار تقريب ڪالهه ايوان صدر ۾ ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان پڻ موجود هو. تقريب ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري، سنڌ جي نامزد گورنر عمران اسماعيل، پنجاب جي نامزد گورنر چوڌري سرور، سياسي اڳواڻن، پارليامينٽرين ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. تقريب جي باقاعده شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي. حلف کڻندڙ وفاقي وزيرن ۾ مخدوم شاهه محمود قريشي (پرڏيهي معاملا)، پرويز خٽڪ (دفاع)، اسد عمر (ناڻي، روينيو ۽ اقتصادي معاملا)، ڊاڪٽر فهميده مرزا (بين الصوبائي رابطا)، شيخ رشيد احمد (ريلوي)، خالد مقبول صديقي (انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مواصلات)، شفقت محمود (وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثو)، فواد احمد چوڌري (اطلاعات ۽ نشريات)، زبيده جلال (دفاعي پيداوار)، غلام سرور خان (پيٽروليم، قدرتي وسيلا)، ڊاڪٽر شيرين مزاري (انساني حق)، نورالحق قادري (مذهبي معاملا ۽ بين المذاهب هم آهنگي)، چوڌري طارق بشير چيما (رياستون ۽ سرحدي علائقا)، سينيٽر ڊاڪٽر محمد فروغ نسيم (قانون ۽ انصاف)، عامر محمود ڪياني (قومي صحت، خدمتون، ريگيوليشن ۽ ڪوآرڊينيشن)، خسرو بختيار (منصوبابندي ۽ ترقي ۽ سڌارا) شامل آهن. وزيراعظم 5 صلاحڪارن جي پڻ مقرري ڪئي آهي جن جو عهدو وفاقي وزير جي برابر هوندو. انهن ۾ محمد شهزاد ارباب کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن، عبدالرزاق دائود ڪامرس، ٽيڪسٽائيل، صنعت ۽ پيداوار ۽ سيڙپڪاري، ڊاڪٽر عشرت حسين اداراجاتي سڌارا ۽ ڪفايت شعاري، امين اسلم ماحولياتي تبديلي ۽ ظهيرالدين بابر اعواڻ کي پارلياماني معاملن جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے