20 منگل , نومبر 2018

ڀارت کي ڳالهين جي دعوت، افغانستان جو دورو، پرڏيهي پاليسي اسان ٺاهينداسين: شاهه محمود

اسلام آباد ( م ڊ  ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پرڏيهي پاليسي جو رخ درست ڪيو ويندو، پرڏيهي پاڪستان تي شروع ۽ پاڪستان تي ئي ختم ٿيندي. پرڏيهي آفيس ۾ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڪجهه طاقتون ملڪ کي تنهائي طرف ڌڪڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون آهن جنهن جو سبب پرڏيهي وزير نه هئڻ هو، پرڏيهي وزير نه هئڻ جو ملڪ کي نقصان پهتو آهي. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ملڪ کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون. سندس چوڻ هو ته عوامي چونڊيل حڪومت کي عوام جي اميدن موجب هلڻ گهرجي، حنا رباني کر ۽ خواجه آصف سان به صلاح مشورو ڪندس.  پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ اعتماد جي کوٽ آهي جنهن کي ختم ڪرڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي ڳالهين جو پيغام موڪليو آهي، جڏهن ته افغان پرڏيهي وزير سان رابطو ڪري ڪابل جي دوري جي خواهش آهي. سندس چوڻ هو ته پرڏيهي پاليسي پرڏيهي آفيس ۾ ئي ٺهندي پر قومي ادارن سان صلاح مشوري ۾ ڪو به عيب ناهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ايندڙ مهيني گڏيل قومن جو اجلاس ٿي رهيو آهي، پرڏيهه ۾ مقرر ٿيل سفير غافل نه آهن.وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پرڏيهي پاليسي ۾ اسان جي ترجيحن جو محور پاڪستان ۽ ان جا مفاد هوندا، عوام جي بهتري لاءِ اقتصادي سفارتڪاري کي ڪتب آندو ويندو افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام پاڪستان ۾ امن جي ضمانت آهي، ڀارت سان ڪشمير سميت ٻيا مسئلا موجود آهن، پر انهن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه کان علاوه اڳتي وڌڻ جي ٻي ڪا به واٽ ناهي،  اقتصادي سفارتڪاري کي پڻ ڪتب آندو ويندو. هن چيو ته اسان جي آڏو بي پناهه چئلينج آهن جن کان اسان چڱي ريت واقف آهيون، انهن چئلينجن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسان جي حڪومت جو پختو عزم آهي.هن چيو ته ڀارت کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته  اسان ڪو ايڊونچر برداشت نه ٿا ڪري سگهون، اسان وٽ ڳالهين کان علاوه اڳتي وڌڻ جو ڪو حل ناهي، هن چيو ته ڪشمير مسئلو حقيقت آهي ۽ ٻئي ملڪ ان کي تسليم ڪن ٿا. ان حوالي سان بنا تعطل جي ڳالهيون ڪرڻ ئي دانشمنداڻو رستو آهي.هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم جو ڪالهه خط آيو آهي جنهن ۾ هن وزيراعظم عمران خان کي مبارڪون ڏنيون آهن ۽ ڳالهين جو پيغام ڏنو آهي جنهن جي اسان آجيان ڪيون ٿا.هن چيو ته نان ڪيريئر سفارتڪار اصولي طور نئين حڪومت ٺهڻ تي مستعفي تصور ڪيا ويندا آهن پر اسان ان حوالي سان ڪنهن تڪڙ جو مظاهرو نه ڪنداسين، ان لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکن ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي مقرريون ڪيون وينديون. هڪ سوال تي هن چيو ته سي پيڪ تمام اهم ۽ ڊگهي مُدي وارو منصوبو آهي جيڪو گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو اسان جي پارٽي اپوزيشن ۾ هوندي به ان جي حمايت ڪئي هئي. ان جي سماجي ۽ اقتصادي يعني تي چيني قيادت سان ڳالهيون ڪيون وينديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪجهه مهينن ۾فوڊ اٿارٽي جي ڪاررواين ۾ تيزي ايندي : مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر) اطلاعات بابت صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ فوڊ اٿارٽي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے