18 اتوار , نومبر 2018

افضل حيدر پي سي بيءَ  جو وقتي چيئرمين بڻجي ويو

Afzal Haider was appointed as the chairman of the PCBڪراچي(اسپورٽس نيوز) جسٽس (ر) افضل حيدر پي سي بي جو قائم مقام چيئرمين بڻجي ويو. نجم سيٺي گذريل ڏينهن پنهنجي استعفيٰ وزيراعظم ڏانهن اُماڻي ڇڏي جنهن کي منظور ڪيو ويو آهي، عمران خان احسان ماني کي گورننگ بورڊ ۾ نئون حڪومتي ميمبر نامزد ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو ئي نئون پي سي بي ڇيئرمين بڻجندو،  في الحال چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس(ر) افضل حيدر پي سي بي جو قائم مقام سربراهه بڻجي ويو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آئين تحت جڏهن پي سي بي چيئرمين ناهي هوندو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ان جي جاءِ سنڀاليندو آهي، وزيراعظم احسان ماني کي گورننگ بورڊ ۾ نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، هاڻ عيد جي موڪلن بعد ايندڙ ورڪنگ ڊي جمعو هوندو، ان ڏينهن سمورن ميمبرن کي باظابطا خور تازي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي انهن جو اجلاس طلب ڪنداسين، سڀني جي موجودگي يقيني هئڻ تي اليڪشن شيڊول جو اعلان ڪيو ويندو، اميدوارن کي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻا پوندا ۽ انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي چئن هفتن اندر چونڊون ٿينديون، هن چيو ته گذريل سربراهه طرفان نامزد ڪيل ٻن ميمبرن جي جاءِ تي نوان ميمبر ايندا باقي گورننگ بورڊ برقرار رهندو. ٻئي پاسي نجم سيٺي جي وڃڻ تي ميڊيا، مارڪيٽنگ ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ سندس ويجهن شخصيتن جا عهدا پڻ برقرار نه رهي سگهندا، انهن مان ڪيترائي پاڻمرادو عهدا ڇڏڻ جو ارادو ڪري چڪا آهن جن عهدا نه ڇڏيا انهن کي  نئون چيئرمين شايد مشڪل سان ئي سندن عهدن تي رکي سگهي، احسان ماني جي عهدو سنڀالڻ بعد تقريبن سمورين شعبن ۾ ٽاپ ليول تي تبديلين جو امڪان آهي. هوڏانهن نامزد پي سي بي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته هن ڪڏهن زندگي ۾ ٽويئٽر استعمال ناهي ڪيو، سندن نالي سان موجود سمورا ڪائونٽ جعلي آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته کيس هن وقت گورننگ بورڊ جي ميمبر نامزد ڪيو ويو آهي، چونڊ بعد تفصيل سان پنهنجي ايندڙ حڪمت عملي ميڊيا اڳيان پيش ڪندس، واضح رهي ته ٽوئيٽر تي احسان ماني جي نالي ڪيترائي اڪائونٽ موجود آهن جن کي هن ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

India vs Ireland, Highlights ICC Women's World T20: India Beat Ireland To Reach Semi-Finals

وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي: آسٽريليا جو ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جو آئرلينڊ سان مقابلو

 پروويڊنس (ويب ڊيسڪ )  آءِ سي سي وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ڪپ ۾ اڄ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے