15 جمعرات , نومبر 2018

ڀارت خلاف سينچري يادگار اننگز هئي: فخر زمان

The Century Memorial Against India was innings: fakhar zamanڪاٽلنگ(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر ۽ چيمپئينز ٽرافي جي هيرو فخر زمان ڀارت خلاف پنهنجي پهرين ون ڊي سينچري کي يادگار قرار ڏئي ڇڏيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي اوپنر فخر زمان چيو ته زمبابوي خلاف ڊبل سينچري، تيز ترين هڪ هزار رنسون، ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ 91 رنسن جي اننگز کان به وڌيڪ ڀارت خلاف گذريل سال چيمپئنز ٽرافي جي فائنل ۾ سينچري اسڪور ڪرڻ  تي خوشي ٿي، ڇاڪاڻ تي ان سينچري سان پاڪستاني قوم جا چهرا خوشي سان ٻهڪڻ لڳا ۽ ان سان قومي ٽيم جي رينڪنگ ۾ پڻ بهتري آئي. فخر زمان چيو ته ايشيا ڪپ ۾ چيمپئينز ٽرافي واري ڪارڪردگي دهرائڻ جي صلاحيت رکون ٿا ۽ ان لاءِ تياري ڪري رهيا آهيون. انٽرويو دوران پنهنجي فٽنس بابت فخر زمان چيو ته ان لاءِ ڪو خاص نسخو استعمال ناهيان ڪندو، نيوي جي سپاهي جي حيثيت سان ايڪسرسائز معمول هئي جيڪا هاڻ به جاري آهي. هوئين به ڪرڪيٽ انسان کي فٽ رکڻ لاءِ ڪافي آهي. ٽي ٽوئنٽي جي شروعاتي ميچن ۾ پنهنجي ڪاڪردگي تي ڳڻتي هئي پر هاڻ 22 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏي چڪو آهيان ۽ پنهنجي ڪاڪردگي مان خوش آهيان. اوپنر چيو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ بيچين آهيان، آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سريز لاءِ پوري تياري ڪري رهيو آهيان، موقعو مليو ته ان تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس. هن چيو ته مردان ۾ ڪرڪيٽ جو وڏو ٽيلنٽ آهي جنهن کي اڳتي آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهيان. لاهور قلندر جي مينجمنٽ منهنجي درخواست تي مردان ۾ ٽرائلز لاءِ، انضمام الحق، عاقب جاويد هڪ هزار کان وڌيڪ رانديگرن مان 22 رانديگرن کي شارٽ لسٽ ڪيو. اميد آهي ته ايندڙ پي سي ايل ۾ مردان مان نوان چهرا شامل ٿيندا. فخر زمان چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ بي انتها صلاحيتون آهن، محنت ڪندڙ رانديگر جوش جذبي سان راند کيڏي رهيا آهن، پاڪستاني قوم جو ڪرڪيٽ سان دلي لڳاءُ کان آگاهه آهيان، قوم جي جذبن ۽ اميدن تي پورو لهڻ لاءِ ڪوشش جاري رکندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پي ايس ايل جي خزاني ۾ ڊالرن جي برسات ٿي وئي آهي جڏهن ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے