16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: شڪارپور: ڏاهاڻي ۽ سڌايا برادرين ۾زمين جي معاملي تان جهيڙو ،  پيرسن قتل

Shikarpur: Fighting between two communities, old man killed*شڪارپور ويجهو ڏاهاڻي ۽ سڌايا برادرين جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان شروع ٿيل  تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ڀڙڪي پيو آهي ڏاهاڻي برادري جي ماڻهن فائرنگ ڪري پيرسن کي قتل ڪري ڇڏيو .

ڳوٺ اچر سڌايو ۾ ڏهاڻي ۽ سڌايا برادرين جي ٻن ڌرين  وچ ۾ هلندڙ پراڻو زميني تڪرار هڪ سال ٺاپر کان پوءَ اڄ ٻيهر ڀڙڪي اٿيو .

زمين تي ويندڙ ميهر سڌايو مٿان ڏاهاڻي برادري جي هٿياربندن هٿيارن جا مونهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ پيرسن موقعي تي ئي مارجي ويو.

پوليس واقعي واري هنڌ  پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو جتان قانوني ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو

ان موقعي تي پيرسن جي وارث عورتن  بختاور ۽  خيران چيو ته  هو  مسڪين آهن سندن جهيڙي سان ڪو واسطو ناهي .

 هنن  چيو ته ڏاهاڻي برادري جي هٿياربند ناحق اسان جي پيرسن  کي قتل ڪيو آهي.

 هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي .

ياد رهي ته سڌايا ۽ ڏاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين زمين جي معاملي تان شروع ٿيل تڪرار هن وقت تائين 15 قميتي انساني جانيون ڳڙڪائي چڪو آهي پر سنڌ دوست ڌرين تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي ………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے