21 بدھ , نومبر 2018

رڳو فلمن تائين محدود نٿي رهڻ چاهيان، ٽي وي تي به ڪم ڪنديس: حمائمه ملڪ

Not only limited to films, will work on TV: Hamima Malikلاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل حمائمه ملڪ چيو آهي ته اداڪاري لاءِ پاڻ کي رڳو فلمن تائين محدود نٿي رکڻ چاهيان، ٽي وي ڊرامن ۾ جڏهن ڪنهن سٺي ڪردار جي آڇ ٿي ته ضرور ڪم ڪنديس. ميڊيا سان ڳالهائيندي حمائمه ملڪ چيو ته جهڙي ريت ريمپ تي واڪ ۽ ٽي وي ڪمرشل ۾ ماڊلنگ ڪرڻ تمام آسان نظر ايندو آهي اهڙي طرح ماڻهن جو خيال آهي ته فلم ۾ اداڪاري ڪرڻ پڻ شايد تمام گهڻو آسان ڪم آهي پر مان اها ڳالهه پنهنجي تجربي جي بنياد تي چوڻ چاهيان ٿي ته ڪيمرا سان ڳالهيون ڪرڻ ۽ پنهنجا تاثر ڏيکارڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. اهو رڳو اهي ماڻهو ڪري سگهندا آهن، جيڪي فطري صلاحيتن سان مالامال آهن.انٽرويو دوران حمائمه ملڪ چيو ته اداڪاري جهڙي طرح ڏکي آهي، ايتري ئي دلچسپ آهي. هڪ وقت هو جڏهن خوبصورت لباس، مهانگا زيور ۽ لانگ هيل سان گڏ ريمپ تي واڪ ڪندي خوف ٿيندو هو ۽ ان لاءِ تمام وڏي تياري ڪرڻي پوندي هئي. ڇو ته ريمپ تي واڪ ڪرڻ جو اهو هڪ مخصوص انداز آهي، جنهن کانسواءِ ريمپ تي واڪ ڪرڻ بي معنيٰ لڳندو آهي. پوءِ ٽي وي ڪمرشل جو دور شروع ٿيو ۽ اهو مرحلو پڻ تمام گهڻو ڏکيو هو پر سخت محنت ۽ اڳتي وڌڻ واري جذبي انهن سمورين پريشانين کان بچايو ۽ انهن امتحانن کي پاسي ڪندي فلم طرف آيس ته پوءِ پٺتي ڏسڻ جو وقت ئي نه مليو. مان ڪم ڪندي رهيس ۽ باصلاحيت ماڻهو ملندا رهيا. جن جي رهنمائي سان مان هڪ عام ڇوڪري مان سپر اسٽار بڻجي ويس. اداڪارا چيو ته اهو سفر تمام گهڻو ٿڪائيندڙ هو پر هڪ هنڌ پهچڻ بعد ڪجهه سٺو لڳڻ لڳندو آهي. پر مان سمجهان ٿي ته اڃا ته مان شروعات ڪئي آهي ۽ اڃا اڳتي وڌڻو آهي. ڇاڪاڻ ته جيستائين ان شعبي ۾ نه آئي هيس ته ائين محسوس ٿيندو هو ته اهو سڀ ڪجهه تمام آسان آهي ۽ اهو ڪم ڪرڻ لاءِ ڪا خاص محنت جي ضرورت ناهي. پر ڪم ڪرڻ بعد پتو پيو ته اهو تمام ڏکيو ڪم آهي. هي جيترو آسان نظر اڇي رهيو آهي ايترو ئي چيلنجنگ آهي. هڪ ڪردار ادا ڪرڻ ۽ ان ۾ پنهنجو پاڻ کي حاوي ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

راکي ساونت، تنوشري دتا کان معافي وٺي ڇڏي

ممبئي (شوب نيوز)بالي ووڊ جي آئٽم گرل راکي ساونت اداڪارا تنوشري دتا کان معافي گهري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے