13 منگل , نومبر 2018

عيد تي افغان صدر جي خطاب دوران صدارتي محل تي راڪيٽ حملا

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) افغان صدر اشرف غنيءَ جي عيد ميڙاڪي کي خطاب دوران صدارتي محل تي راڪيٽ حملو ڪيو ويو. افغانستان ۾ عيد الاضحيٰ ملهائي پئي وڃي عيد جو مرڪزي ميڙاڪو صدارتي محل ۾ ٿيو جتي صدر اشرف غني خطاب ڪري رهيو هو ته دهشتگردن راڪيٽن سان حملو ڪري ڇڏيو،  حملي ۾ افغان صدر ۽ شرڪت ڪندڙ محفوظ رهيا. گهرو وزارت جي ترجمان موجب صبح سوير دهشتگردن جي هڪ ٽولي ريڪا خانه جي علائقي ۾ هڪ عمارت تي قبضو ڪيو ۽ عمارت جي ڇت تان صدارتي محل طرفان 9 راڪيٽ فائر ڪيا جيڪي سفارتي علائقي جي ويجهو ڪريا حملي ۾ ڪو به نقصان نه ٿيو.  افغان ميڊيا موجب سڪيور ٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا. راڪيٽ حملي کانپوءِ افغانستان جي مختلف علائقن ۾ اتحادي فوج ۽ طالبان ويڙهاڪن ۾ جنگ جي شروعات ٿي وئي آهي جنهن سان افغان صدر جي مشروط جنگبندي جو اعلان غير موثر ٿي ويو آهي. وزيراعظم عمران خان عيد جي ميڙاڪي دوران صدارتي محل تي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته مذهبي ڏڻ تي معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائڻ جي بزدلاڻي ڪارروائي شڪست کاڌل ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے