15 جمعرات , نومبر 2018

رنوير سنگهه جي عزت نه ڪرڻ تان سوشل ميڊيا واهپيدار دپيڪا تي ڏمرجي پيا

Due to the reverence of Renegiv Singh, social media were frustrated on the incidentممبئي(شوبز نيوز) سوشل ميڊيا واپيدارن اداڪارا دپيڪا پڊڪون کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته جيڪڏهن توهان رنوير سنگهه جي عزت نٿا رکي سگهو ته کيس ڇڏي ڏيو. گذريل ڏينهن دپيڪا پڊوڪون “ورلڊ فوٽوگرافي ڊي“ جي موقعي تي انسٽاگرام تي پنهنجي ۽ اڳوڻي بائي فرينڊ رنبير ڪپور جي تصوير شيئر ڪئي هئي جنهن تي سوشل ميڊيا  وهپيدارن کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو هو ته ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي، دپيڪا رنبير ڪپور کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي، هڪ واهپيدار ڪاوڙ ۾ لکيو ته دپيڪا جيڪڏهن توهان رنوير جي عزت نٿا رکي سگهو ته کيس ڇڏي ڏي ، هو توهان کان بهتر جيون ساٿي جو حقدار آهي. هڪ واهپيدار دپيڪا کي مشورو ڏيندي چيو ته مهرباني ڪري رنبير ڪپور کي وساري ڇڏيو، توهان کي رنوير سنگهه جي روپ ۾ ايترو بهترين دوست ۽ انسان مليو آهي پر پوءِ به تون هڪ فريبي ۽ ڪوڙي شخص لاءِ روئي رهي آهين. هڪ واهپيدار دپيڪا کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن توهان رنوير سنگهه مان خوش ناهيو ته هن سان گڏ ڇو آهيو؟. پائل نالي واهيپدار لکيو ته هو دپيڪا مان تمام گهڻي متاثر هئي پر هاڻ ناهيان، ڇو دپيڪا اڃان تائين رنبير پٺيان ڀڄي رهي آهي. واضح رهي ته دپيڪا پڊڪون ۽ رنوير سنگهه نومبر ۾ شادي ڪرڻ وارا آهن اهڙي موقعي تي دپيڪا پنهنجي اڳوڻي بائي فرينڊ رنبير ڪپور کي ياد ڪرڻ سندس مداحن کان برداشت نٿو ٿئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مستقبل جي ڪنهن کي به خبر ناهي هوندي: سارا خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے