14 بدھ , نومبر 2018

عاطف اسلم  جو نئون گيت”ديکتي ديکتي“  ريليز

'Batti Gul Meter Chalu' song 'Dekhte Dekhte': The slow romantic number by Atif Aslam will soothe your soulڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي ناليواري راڳي عاطف اسلم جي آواز ۾ ”بتي گل ميٽر چالو“ جو گيت” ديکتي ديکتي“ ريليز ٿي ويو جنهن جي حوالي سان راڳي چوڻ آهي ته ”ديکتي ديکتي“  عيد جو مزو ٻيڻو ڪري ڇڏيندو. عاطف اسلم گيت سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي لکيو ته جنهن گيت جو انتظار هو هاڻ اهو ريليز ٿي ويو آهي، محسوس ڪيو ۽ عيد جون خوشيون ٻيڻيون ڪيون. ”ديکتي ديکتي“ اصل ۾ استاد نصرت فتح علي خان جو گيت آهي جنهن کي ٻيهر شاعر منوج منتاشر لکيو آهي ۽ عاطف اسلم جي خوبصورت آواز ۾ پيش ڪيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ فلم جو ٽريلز جاري ڪيو ويو جنهن جي حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته فلم جو مرڪز خيال پاڪستاني فلم ”ايڪٽر ان لاءِ“ تان کنيو ويو آهي. ٽريلر ۾ فلم جي مرڪزي خيال ، ڊائيلاگ ۽ ڪيترائي سين” ايڪٽر ان لاءِ“ سان مشهابت رکن ٿا، جن ۾ ظاهري طور معمولي تبديليون ڪيون ويون آهن. فلم بتي فل ميٽر چالو 21 سپٽمبر 2018 تي سينما گهرن جي زينت بڻجندي ۽ ان ۾ اداڪار شاهد ڪپور ۽ ادڪارا شرڌا ڪپور مرڪزي ڪردار ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سارا علي خان پنهنجي ويڳي ماءُ جي نقش قدم تي هلڻ جي خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ ۾ نئي نئي انٽري ڏيندڙ اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے