16 جمعہ , نومبر 2018

ٻٽي شهريت ناهي، پاڪستاني هجڻ تي فخر آهي: احسان ماني

Not a single citizen, proud of being a Pakistani: ihsan maniاسلام آباد(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نامزد چيئرمين احسان ماني ٻٽي شهريت واريون خبرون رد ڪري ڇڏيون. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي احسان ماني جو چوڻ هو ته هو پاڪستاني پاسپورٽ رکي ٿو ۽ کيس ٻٽي شهريت ناهي. هن چيو ته ٻٽي شهريت وارين خبرن سان کيس بدنام ڪرڻ تي ڪوشش ڪئي پئي وڇي ته جيئن ڪرڪيٽ بورڊ ۾ سندس مقرري کي تڪراري بڻائي سگهجي. آءِ سي سي جي اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته پاڪستاني هجڻ تي فخر آهي، زندگي ۾ کوڙ موقعا مليا پر نه شهريت مٽائي ۽ نه ئي وري ڪو ارادو آهي. سندس چوڻ هو ته منهنجو ۽ وزيراعظم جو ويزن هڪ آهي، عيد جي موڪلن دوران عمران خان سان ملاقات ڪري کائنس وڌيڪ رهنمائي وٺندس ۽ ٻن هفتن ۾ چونڊن بعد چارج سنڀاليندس. ٻئي پاسي احسان ماني جي چونڊ تائين اليڪشن ڪمشنر جسٽس ريٽائرڊ افضل حيدر وقتي پي سي بي چيئرمين بڻجي ويو آهي ۽ پي سي بي جي آفيشل ويب سائيٽ تان نجم سيٺي جو نالو تبديل ۽ تصوير هٽائي وئي آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏني هئي جنهن جي فوري بعد وزيراعظم عمران خان احسان ماني کي کي بورڊ آف گورنرز جي لاءِ نامز ڪيو هو جتي بورڊ جي قانون موجب اليڪشن وڙهي چيئرمين بڻجندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistan inaugurates first AstroTurf cricket stadium in Balochistan

پاڪستان جي پهرين آسٽروٽرف ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو افتتاح

چمن ( اسپورٽس نيوز ) بلوچستان جي شهر چمن ۾ ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے