12 پیر , نومبر 2018

سنڌ پوليس کي پنجاب جهڙيون ئي مراعتون ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي سنڌ پوليس جون مراعتون پنجاب پوليس جي برابر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ پوليس جون مراعتون پنجاب پوليس جي برابر ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻيون سهولتون به فراهم ڪيون وينديون. اجلاس ۾ پوليس اهلڪارن جي ٻن ٻارن جي شادي لاءِ گرانٽ 50 هزار مان وڌائي هڪ لک رپيا ڪئي وئي، جڏهن ته رٽائرمينٽ تي الائونس 15 ۽ 25 هزار مان وڌائي بنيادي پگهار جي برابر ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اهلڪارن جي ٻارن کي 65 سيڪڙو نمبر کڻڻ تي مڪمل اسڪالر شپ ڏني ويندي، جڏهن ته موذي مرض جي صورت ۾ امداد هڪ لک مان وڌائي 10 لک ڪئي وئي آهي. فرضن دوران قانوني مسئلن ۽ ڪيسن جي صورتحال ۾ امداد 5 لک رپين تائين ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيوٽي دوران مستقل معذوري جي صورت ۾ اهلڪارن کي مخصوص موٽر سائيڪلون ڏنيون وينديون، ان سان گڏوگڏ بيواهه فنڊ کي 3 هزار مان وڌائي 5 هزار رپيا ڪيو ويو آهي، جيڪو آن لائين ادا ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ ٽن سالن دوران فوت ۽ مارجي ويل اهلڪارن جي امدادي رقم لاءِ دستاويز جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ گڏوگڏ پوليس ملازمن جي انشورنس جو فيصلو به ڪيو ويو. اجلاس ۾ وڌيڪ فيصلو ڪيو ويو ته پوليس اهلڪارن جي رهائش گاهه لاءِ وڏي وزير کي باقاعدي طور درخواست ڪئي ويندي. آءِ جي سنڌ اي آءِ جي ويلفيئر کي 7 ڏينهن اندر سفارشون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے