15 جمعرات , نومبر 2018

سڌوءَ کي پاڪستان ۾ ڏسي خوشي ٿي، اهڙن قدمن سان ڇڪتاڻ گهٽجندي: شاهد آفريدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته نوجوت سنگهه سڌو کي وزيراعظم جي حلف برداري تقريب ۾ ڏسي خوشي ٿي، اهڙي قدم سان ڇڪتاڻ گهٽجندي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي اسٽار آل رائونڊر شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن ۾ اڳتي وڌڻ ۽ ترقي جو اڪيلو ذريعو امن آهي، هن زور ڀريو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي برداشت جو پيغام پکيڙڻو پوندو. شاهد آفريدي چيو ته اهڙن قدمن سان ڇڪتاڻ گهٽجندي ۽ امن قائم ٿيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے