21 بدھ , نومبر 2018

قومي اسمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پاران قوم کي عيد الاضحيٰ جون واڌايون

Asad Qaisar's Nation's Appendix's Appendix by National Assembly Speakerاسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر عيد جي خوشي جي موقعي تي قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن. ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته عيد اسان کي حضرت ابراهيم عليه اسلام جي عظيم قرباني جي ياد ڏياري ٿي. هن چيو ته حضرت ابراهيم عليه اسلام جي هن عظيم قرباني سان انسانيت جي ايثار ۽ ڀلائي صبر ۽ برداشت جو درس ملي ٿو. اسپيڪر چيو ته عيد جون اصل خوشيون غريب مسڪين ڀينرن ڀائرن جي ضرورتن جو خيال رکي ۽ کين پنهنجي خوشين ۾ شامل ڪري حاصل ڪري سگهجن ٿيون. هن چيو ته معاشرتي اڻ برابرين جو خاتمو قرباني جو جذبو ۽ ڀائپي کي هٿي وٺرائڻ ذريعي فلاحي اسلامي معاشرو اڏڻ لاءِ ٺوس بنياد فراهم ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن نئين سر وچن ورجائڻ ۽ مسلمانن جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعائن جو ڏينهن آهي. ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي محمد قاسم خان سوري به پنهنجي هڪ پيغام ۾ پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيد جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آشيانه اقبال اسڪينڊل: نيب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ ) نيب آشيانا اقبال اسڪينڊل ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے