16 جمعہ , نومبر 2018

عيدالاضحيٰ تي مقامي سينما ۾ پاڪستاني فلمن جو راڄ

The reign of Pakistani films in the local cinema on the occasionڪراچي(شوبز نيوز)  عيدالاضحيٰ جي موقعي تي مقامي سينمائن ۾ وڏيون فلمون ريليز ٿي رهيون آهن جن ۾ همايون سعيد ۽ فهد مصطفيٰ جي فلم ”جواني ڦر نهي آني 2، حمزا علي عباسي جي ۽ احد رضامير جي”پرواز هي جنون“ ۽ فهد مصطفيٰ ۽ مهوش حيات جي فلم”لوڊ ويڊنگ“ شامل آهن. اداڪار همايون سعيد، فهد مصطفيٰ، واسع چوڌري، ثروت گيلاني، ماورا حسين، ڪبريٰ خان، عظميٰ خان جهڙين وڏي ڪاسٽ تي ٻڌل فلم ”جواني ڦر نهي آني 2، اڄ ريليز ٿي رهي آهي. اها فلم 2015 ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”جواني ڦرنهي آني“ جو سيڪوئل آهي جنهن جي شاندار ڪاميابي بعد هدايتڪار نديم بيگ ان جو سيڪوئل ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. فلم جو ٽريلز اڳ ئي مداحن ۾ مقبول ٿي چڪو آهي. عيدالاضحي جي موقعي تي ٻي وڏي فلم”لوڊويڊنگ“ ريليز ٿي رهي آهي، جنهن ۾ اداڪار فهد مصطفيٰ ۽ مهوش حيات جي جوڙي هڪ ڀيرو ٻيهر مداحن کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙڻ لاءِ تيار آهي. نبيل قريشي جي هدايت ۾ ٺهندڙ فلم ” لوڊ ويڊنگ“ جي ڪهاڻي پنجابي ڇوڪري راجا(فهد مصطفيٰ) ۽ ميرب(مهوش حيات) جي وچ ۾ محبت جي چوڌاري ڦرندي آهي. فلم جو ٽريلر ۽ گيت اڳ کي مقبوليت حاصل ڪري چڪي آهي. جنهن جو مداح بي صبري سان انتظار ڪري رهيا آهن. فلمن سان چاهه رکندڙ جن فلم جو ڪافي عرصي کان انتظار ڪري رهيا آهن اها ناليواري اداڪار حمزا علي عباسي، احد رضامير، هانيا عامر جي فلم ”پرواز هي جنون“ آهي. هن فلم ۾ حمزا علي عباسي، هانيا عامر ۽ احد رضامير پاڪستان ايئرفورس جي جوانن جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن فلم ۾ ٽنهي ڪردارن جي وچ ۾ لو ٽرائي اينگل ڏيکاريو ويو آهي. فلم” پرواز هي جنون“ ۾ پاڪستان ايئرفورس جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيڪڏهن احد ۽ مومنه ڪوڪو ڪورينا ڳائي سگهن ٿا ته جگر جلال ڇو نه؟

ڪراچي(شوبز نيوز)ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 11 ۾ گذريل مهيني احد رضا مير ۽ مومنا مستحسن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے