14 بدھ , نومبر 2018

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثا، 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثا، 2 ڄڻا فوت، 5 زخميڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت جڏهن 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻانڌي ۾ تيز رفتاري سبب موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ نينگر موقعي تي فوت ٿي ويو .پوليس ٿاڻي ڀرسان موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ 15 ورهين جو  نينگر اياز بروهي فوت تي ويو . پوليس ترت ئي نينگر جو مڙهه اسپتال منتقل ڪيو جتان قانوني ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو .نينگر جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن ته عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون .ٻئي پاسي ڪوٽڏيجي ويجهو  ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻوفوت ۽ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا.عيد گهمڻ لاءِ سچل سرمست ويندڙ نارو جي رهواسين ۽ ٺري ميرواھ کان سچل سرمست جي زيارت ڪري واپس ويندڙن جي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو .حادثي جي نتيجي ۾ ناري جو رهواسي علي رضا ملاح فوت ٿي ويو  جڏھن ته نذير احمد چاڪراڻي، سائين ڏنو ۽  ٺري ميرواهه جا رهواسي رفيق چنو ۽  اياز چنو سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حادثي بعد زخمي ۽ فوتي جو لاش هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ روڊ تي پيل رهيا اطلاع ملڻ باوجود  پوليس ڪلاڪ بعد پھتي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ سٽي اسڪول ۽ بيڪن هائوس اسڪول جي ريجسٽريشن معطل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) تعليم کاتي سٽي اسڪول ۽ بيڪن هائوس اسڪول جي سموري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے