18 اتوار , نومبر 2018

ناليوارو ڀارتي صحافي ڪلديپ نائر 95 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو

kuldeep nayar, a reporter of Indian Navy, appeared in the age of 95نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي صحافي، ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن ڪلديپ نائر 95 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪلديپ نائر ڪافي عرصي کان بيمار هو ۽ اڄ صبح نئين دهلي جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. 14 آگسٽ 1923 تي پاڪستان جي شهر سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيندڙ ڪلديپ نائر ورهاڱي بعد ڀارت وڃڻ کان اڳ لاهور مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي. ڪلديپ نائر 1990 ۾ برطانيا ۾ ڀارت جو هاءِ ڪمشنر پڻ رهيو، جڏهن ته کيس ڀارتي جي راجيا سڀا جي ميمبر طور پڻ نامزد ڪيو ويو هو. 2015 ۾کيس صحافتي خدمتن جي اعتراف ۾ ”لائيف ٽائم اچيومنٽ“ ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. ڪلديپ نائر جي وفات تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پڻ ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Passengers in Zimbabwe caught in bus fire; 40 killed

زمبابوي ۾ بس جو سلينڊر ڦاٽڻ سبب 42 ڄڻا فوت، 20 زخمي

هراري ( ويب ڊيسڪ ) زمبابوي جي گادي واري شهر کان 550 ڪلوميٽر پري ضلعي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے