21 بدھ , نومبر 2018

مان عامر خان سان دوستيءَ انڪري  ختم ڪئي جو……! جوهي چاولا جو عامر خان بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

I ended up with Amir Khan who ... The intriguing investigation of Amir Khan of Johi Cholaممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ جي ماضي جي پهرين جوڙ جي اداڪارا جوهي چاولا نئون انڪشاف ڪيو آهي ته عامر خان سان هڪ ڀوڳ ڪرڻ سبب سندن دوستي ۾ ڏار پيجي ويا هئا. ڀارتي ميڊيا موجب باليووڊ جي مشهور اداڪارا جوهي چاولا هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ ۽ عامر خان فلم جي سيٽ تي ٻارن وانگر وڙهندا هئا ۽ هو سدائين ڀوڳ ڪري مونکي تمام گهڻو تنگ ڪندو هو. جوهي وڌيڪ ٻڌايو ته عامر خان نه رڳو ساڻس پر سيٽ تي ٻين ادڪارائن سان پڻ ڀوڳ ڪندو رهندو هو پر منهنجي لاءِ هو انتهائي خاص دوست هو ۽ دوستيءَ جو اهو تعلق ڪنهن ٻئي سان ناهي رهيو جڏهن ته هو ننڍيون ننڍيون ڳالهيون اطمينان سان گڏ تفصيل سان سمجهائيندو رهندو هو، جوهي چاولا ٻڌايو ته هڪ ڏينهن فلم اسٽوڊيو ۾ عامر اچتو سنجيدا موڊ ۾ موٽ آيو ۽ چيائين ته هو هٿ جون لڪيرون پڙهڻ ڄاڻيندو آهي پوءِ هو منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندي ڪجهه ٻڌائڻ کانسواءِ هٿ ڦٽي ڪري ڀڄي ويو جنهن تي مونکي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي. اداڪارا وڌيڪ چيو ته عامر جي ڀوڳن نه رڳو مونکي روئاريو پر مونکي ان حرڪت تي ڪاوڙ پڻ آئي، ۽ ڪاوڙ ۾ ٻئي ڏينهن جي شوٽنگ تي به نه ويس، جڏهن ته اسان شوٽنگ کانسواءِ به هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ بند ڪري ڇڏيو هو ۽ اهو سلسلو 6 ورهين تائين جاري رهيو، ان دوران اسان جي وچ ۾ ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي پر بعد ۾ احساس ٿيو ته اهو تمام وڏو احمقاڻو فيصلو هو. بعد ۾ پاڻ  وڃي عامر خان سان ٺاهه ڪيم ۽ اسان ٻنهي ڊگهي عرصي تائين هلندڙ ناراضگي جو خاتمو آندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عاليا ڀٽ پنهنجي شاديءَ جو انتظار ڪندڙن کي مايوس ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ پاڻ کي 25 سالن جي ٻڌائيندي چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے