13 منگل , نومبر 2018

ڪلڀوشن ڪيس ۾ عالمي عدالت مان ڪاميابي ملندي ملندي: شاهه محمود قريشي

Shah Mehmood Qureshi will be successful in the Clashes caseملتان(ويب ڊيسڪ) وفاقي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان وٽ  گرفتار ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو خلاف چٽا ثبوت آهن ۽ انصاف واري عالمي عدالت(آءِ سي جي) ۾ اسان کي ڪاميابي ملندي. ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته اسان وٽ ڪلڀوشن ياديو خلاف چٽا ثبوت آهن، اميد آهي ته ڪلڀوشن ڪيس ۾ اسان کي عامي عدالت مان ڪاميابي ملندي. پنهنجي نئين چونڊيل حڪومت جي باري ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيوته وزيراعظم عمران خان قوم سان پنهنجي پهرين خطاب ۾ عام ماڻهو جي جذبن جي ترجماني ڪئي ۽ ڪابينا جي پهرين اجلاس ۾ هن وڏا فيصلا ڪيا. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان عمران خان جي رهنمائي ۾ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪنداسين، اسان ڪجهه سخت فيصلا ڪرڻا آهن ۽ جنهن لاءِ قوم کي تيار رهڻ گهرجي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان قوم کان ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن چيو ته معاشي حالتون غور طلب آهن ۽ وڏي ڏکي ڪيفيت آهي، پرڏيهي چئلينجن کي به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے