20 منگل , نومبر 2018

اڊيالا جيل ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز سان  اڄ ٿيندڙ ملاقاتون سڀاڻي تائين ملتوي

Meetings with Nawaz Sharif and Maryam Nawaz in Aalaala jail will be held tomorrowراولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا يافته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز سان اڄ ملاقاتون نه ٿي سگهنديون. راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ قيد نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر سان اڄ ملاقات جو ڏينهن هو. عيد جي حوالي سان پڻ ملاقات لاءِ ن ليگي اڳواڻن جي اڊيالا جيل ۾ وڏي انگ جي اچڻ جو امڪان هو، پر اختيارين عيد جي موڪلن سبب اڄ ملاقات ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جيل اختيارين موجب پنجاب جي گهرو وزارت سرڪاري موڪلن هجڻ سبب ملاقات لاءِ اجازت ناهي ڏني. اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ مريم نواز سان ملاقات سڀاڻي(جمع) تي ٿي سگهندي، مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻن ۽ ٻين ملاقات ڪندڙن کي اطلاع ڏني وئي آهي، سمورن ملاقاتين کي سڀاڻي صبح اٺ وڳي کان  هڪ وڳي تائين اڊيالا جيل اچڻ جي اجازت هوندي. هوڏانهن اڳوڻي وزيراعظم سان ملاقات جي اجازت نه ڏيڻ تي اڊيالا جيل جي ٻاهران مسلم ليگ(ن) جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن نواز شريف جي حق  ۾ ۽ جيل انتظاميا خلاف نعري بازي ڪئي. ن ليگي ڪارڪنن ووٽ کي عزت ڏيو جا نعرا هنيا. ليگي ڪارڪنن چيو ته پارٽي قائد ۽ سندس نياڻي سان ملاقات نٿي ڪرائي وڃي، جنهن خلاف مظاهرو ۽ احتجاج ڪري رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل 4 ڊرافٽنگ: لاهور قلندر اي بي ڊي ويليئرز، محمد حفيظ کي چونڊي ورتو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز ) پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي ڊرافٽنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے