14 بدھ , نومبر 2018

ڪتابن سان محبت ڪندڙن  لاءِ هاڻ انسٽا ناول به متعارف

For the lovers of the book, Hedgehog introduces instagram novelڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪتابن سان چاهه رکندڙن لاءِ وڏي خوشخبري آهي ته هاڻ هو دنيا جا ڪجهه بهترين ۽ پسنديدا ناول انسٽاگرام تي آساني سان پڙهي سگهندا. ويجهڙائي ۾ ئي نيويارڪ پبلڪ لائبريري پاران اشتهاري ايجنسي”مدر“ جي سهڪار سان انسٽاگرام تي”انسٽاناولز“ متعارف ڪرايو ويو آهي. جڏهن ته اها سهولت حاصل ڪرڻ لاءِ واهپيدارن کي نيويارڪ پبلڪ لائبريري انسٽاگرام اڪائونٽ تي وڃڻو پوندو جتي مختلف انسٽاناول اسٽوريز مُهيا ڪيون ويون آهن. واهپيدارن کي جيڪو ناول پڙهڻو هوندو، هو ان سان لاڳاپيل اسٽوري تي ڪلڪ ڪندا، جيڪو مڪمل ناول جي صفحن تي ٻڌل هوندي. اسٽوري ناول جي اندر موجود thumb hare نالي آپشن تي آڱر رکڻ سان پيج سوئيپ يعني اڳتي نه ٿيندو. ان آپشن کي متعارف ڪرائيندڙ مددگار آفيسر ڪورنيا فالسي جو چوڻ آهي ته انسٽاناول جو بنيادي مقصد پڙهڻ جي صلاحيت کي وڌائڻ آهي، خاص طور تي آمريڪي تعليمي نظام کي پيش ايندڙ مسئلن کي نظر ۾ رکندي اهو آن لائن ناولن جو هڪ پرفيڪٽ بڪ شيلف هوندو. انسٽا ناول جا وهپيدار پِن ڪري پنهنجي بائيو پروفائل ۾ محفوظ ڪري سگهندا ته جيئن هو جڏهن چاهين بلڪل سولائي سان پڙهي سگهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يوٽيوب 2019 ۾ نوان فيچر متعارف ڪرائيندو

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) يوٽيوب سال 2019 ۾ پنهنجي ڊيش بورڊ ۾ وڌيڪ فيچرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے