17 ہفتہ , نومبر 2018

مائيڪ پومپيو ۽ وزيراعظم عمران خان جي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه، آمريڪا پنهنجي موقف تي قائم، پاڪستان بيان رد ڪري ڇڏيو

Imran Khan telephoned Talks to Pakistan, US rejects Pakistan's statement on its standاسلام آباد/واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان کي آمريڪي پرڏيهي وزير جو ٽيليفون ڪال وارو تڪرار شدت اختيار ڪري ويو ۽ آمريڪا جو چوڻ آهي ته هو مائيڪ پومپيو ۽ پاڪستاني وزيراعظم جي وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه سان لاڳاپيل پنهنجي موقف تي قائم آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل هڪ بيان چيوويو هو ته مائيڪ پومپيو وزيراعظم عمران خان سان ٽيليفون رابطو ڪيو جنهن دوران پاڪستان ۾ سرگرم سمورن دهشتگردن خلاف پاڪستان طرفان فيصلائتي ڪاروائي جي اهميت تي زور ڏنو. آمريڪا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته افغان امن عمل کي ڊيگهه ڏيڻ ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار آهي.جڏهن پاڪستان ، وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو جي وچ ۾ ٿيل ٽيليفون ڳالهه ٻولهه سان لاڳاپيل آمريڪي بيان کي حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل پنهنجي ٽوئيٽر بيان ۾ چيو هو ته وزيراعظم عمران خان ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير جي وچ ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردن جي سرگرمين بابت ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، انڪري بيان کي درست ڪيو وڃي. ان حوالي سان ميڊيا بريفنگ دوران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان هيدر نورٽ جو چوڻ هو ته آمريڪا مائيڪ پومپيو ۽ وزيراعظم عمران خان جي ڳالهه ٻولهه بابت پنهنجي موقف تي قائم آهي.ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو وزيراعظم عمران خان کي خميس (گذريل ڏينهن) تي ٽيليفون ڪئي، جنهن دوران سمورن دهشتگردن جي خلاف پاڪستان جي فيصلائتي ڪاروائين جي اهميت تي ڳالهيون ڪيون ويون. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي. واضح رهي ته ميڊيا رپورٽن موجب مائيڪ پومپيو ڀارت جي دوري کان اڳ 5 سپٽمبر تي پاڪستان ايندو جتي هو وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪندو، جڏهن ته سرڪاري طور تي ان حوالي سان ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے