18 اتوار , نومبر 2018

آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ جاري،  ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي عالمي نمبر هڪ بيٽسمين بڻجي ويو

indian captain Virat Kohli top ICC Test rankingsدبئي(اسپورٽس نيوز) ڪرڪيٽ جي عالمي اداري (آءِ سي سي) طرفان جاري ڪيل نئين ٽيسٽ رينڪنگ موجب ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي جو نمبر ون بيٽسمين بڻجي ويو. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل ٽيسٽ رينڪنگ جي شروعاتي ڏهن بيٽسمينن ۾ پاڪستان جو ڪو به رانديگر شامل ناهي، جڏهن ته ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهليءَ آسٽريليا جي اسٽيو سمٿ کان پهرين پوزيشن کسي ورتي. ورات ڪوهلي انگلينڊ خلاف کيڏيل ٽرينٽ برج ٽيسٽ ۾ 97 ۽ 103 رنسن جي شاندار اننگزن جي مدد سان 937 ريٽنگ پوائنٽن سان گڏ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سريز جي پهرين ميچ ۾ پڻ ڪوهلي 200 رنسون ٺاهي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي هئي پر لارڊز ٽيسٽ ۾ 23 ۽ 17 رنسون ٺاهڻ بعد هو ٻيهر ٻئين پوزيشن تي هليو ويو هو. رانديگرن جي نئين فهرست موجب، آسٽريلوي بيٽسمين اسٽيو سمٿ ٻي، ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن ٽئين، ڪينگروز بيٽسمين ڊيوڊ وارنر چوٿين، انگلش ڪپتان جوئي روٽ پنجين  ڀارتي بيٽسمين پوجارا ڇهين، سريلنڪن بيٽسمين ڪرونارتني ستين، دنيش چنديمل اٺين، ڏکڻ آفريڪي بيٽسمين ايلگر نائين ۽ مارڪرم ڏيهن نمبر تي موجود آهن، جڏهن ته نئين جاري ڪيل فهرست ۾ پاڪستان جو اظهر علي 15 نمبر تي موجود آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

India vs Ireland, Highlights ICC Women's World T20: India Beat Ireland To Reach Semi-Finals

وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي: آسٽريليا جو ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جو آئرلينڊ سان مقابلو

 پروويڊنس (ويب ڊيسڪ )  آءِ سي سي وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ڪپ ۾ اڄ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے