15 جمعرات , نومبر 2018

چاليهه لک فيسبڪ واهپيدارن جي ڊيٽا جو غلط استعمال ڪندڙ ”مائي پرسينلٽي“ ايپ معطل

40% of fraudulent wiped users' data misleading "My Presentation" app suspendedڪيلوفورنيا(ويب ڊيسڪ) فيسبڪ پنهنجن 40 لک واهپيدارن جي ذاتي ڊيٽا غلط استعمال ڪندڙ ٿرڊ پارٽي ايپ(مائي پرسنيلٽي) کي معطل ڪري ڇڏيو. ميڊيا جي رپورٽن موجب فيسبڪ جي پروڊڪٽ پارٽنرشپ جي نائب صدر ائمي آرچي بونگ ٿرڊ پارٽي طور فيسبڪ سان لاڳاپيل ايپ” مائي پرسنيلٽي“ ۽ ٻين ڪيترن ئي  ايپليڪيشنز تي پابندي هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙي طرح هاڻ تائين فيسبڪ ادارو 400 ايپليڪيشنز تي پابندي لڳائي چڪو آهي. فيسبڪ نيوز روم ۾ آرچي بونگ جي هڪ تازي پريس پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اسان جي طرفان ڄاڻايل ايپ جو آڊٽ ڪرائڻ جي درخواست تي ڪو به عملدرآمد ناهي ڪيو ويو جنهن بعد اهو قدم کنيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو واضح ٿي ويو آهي ته ان ايپ مناسب تحفظ جو بندوبست ڪرڻ کانسواءِ ئي محققن ۽ ٻين ڪمپنين کي فيسبڪ واهپيدارن جي  ذاتي ڊيٽا فراهم ڪئي آهي، جنهن جي فيسبڪ قانون ۾ سختي سان منع ڪيو ويو آهي. فيسبڪ اعلان ڪيو آهي ته ذاٽي ڊيٽا جي غلط استعمال سان متاثر ٿيندڙن کي نوٽيفڪيشن جي ذريعي باقاعدا آگاهه ڪيو ويندو، جڏهن ته ان سان متاثر ٿيندڙ واهپيدارن جي ”فرينڊز“ جو ذاتي ڊيٽا ۽ ڄاڻ جي غلط استعمال جو ڪو به ثبوت ناهي مليو ۽ انڪري متاثر واهپيدارن جي دوستن کي ان معاملي تي ڪو به نوٽيفڪيشن نه ڏنو ويندو.  پر کوڙ ٽيڪنالوجي ماهر فيسبڪ جي ان فيصلي کي پُراسرار پڻ چئي رهيا آهن ڇاڪاڻ ”مائي پرسنيلٽي“ ايپ، برطانيا ۾ نفسياتي تحقيق جي هڪ اداري تياري ڪرائي هئي جنهن جو مقصد نفسياتي تجزيا ڪرڻ هو. سوالن ۽ جواب ذريعي واهپيدارن کان معلومات جمع ڪرڻ هو. هي رڳو هڪ تحقيقي منصوبو هو جنهن تحت مائي پرسنيلٽي ايپ 2007 کان 2012 تائين فعال رهي، تڏهن کان ويندي هن وقت تائين اها ايپ مڪمل طور تي غيرفعال آهي. پر ڪجهه ڏينهن اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته ڪنهن اڻ ڄاتل تحقيقدان” مائي پرسنيلٽي“ جو ڪافي ڊيٽا“ ”گٽ حب“ GitHub  نالي هوسٽنگ سروس جي ويب سائٽ تي شيئر ڪيو هو. هتان عام طور تي ڪمپيوٽر جي ماهرن ۽ سافٽ ويئر انيجينئر پنهنجن پروگرامن جو سورس ڪوڊ شيئر ڪرائيندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رت ۾ آڪسيجن جو مقدار ماپڻ وارو لچڪدار آڪسي ميٽر تيار

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ)اسپتالن ۾ آڪسي ميٽر ته جامد هوندا آهن جنهن کي آڱر تي پارائي جسم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے