14 بدھ , نومبر 2018

اداڪارا جي مڱڻي ٿي وئي پر 13 سال اڳ نجومي ڪهڙي اڳڪتي ڪئي هئي؟  اهو ڄاڻي توهان به حيران ٿي ويندا

priyanka chopra became fierce, but what did Naomi make predecessor 13 years ago? That you will be surprisedممبئي(شوبز نيوز) آمريڪي راڳي ۽ اداڪار نڪ جوناس ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا کي شادي جي آڇ گذريل مهيني لنڊن ۾ سندس سالگرهه جي موقعي تي ڪئي هئي. پر هڪ ڀارتي نجومي 13 سال اڳ ئي اها اڳڪٿي ڪري ڇڏي هئي ته پريانڪا چوپڙا جي شادي 36 ورهين جي عمر ۾ ٿيندي. ڪجهه ڏينهن اڳ پريانڪا چوپڙا ۽ نڪ جونانس جي روڪا جي رسم ۽ عبادت“ جي تقريب ڪوٺائي وئي هئي جنهن ۾ ٻنهي فنڪارن جا گهروارا موجود هئا، تقريب بعد ٻنهي پنهنجي مڱڻي جي تصديق ڪئي هئي جڏهن ته تقريب جو بندوبست ممبئي ۾ پريانڪا چوپڙا جي گهر ۾ ڪيو ويو هو.  ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب راڳي نڪ جونانس جا والدين خاص طور ”روڪا جي رسم ۽ عبادت“ لاءِ ڀارت آيا هئا، پريانڪا چوپڙا ۽ نڪ جوناس جي پهرين ملاقات هڪ آمريڪي ٽي وي شو ۾ ٿي هئي. جنهن بعد هنن 2017 “ ۾ پهريون ڀيرو گڏ ميٽ گالا ريڊ ڪارپيٽ تي شرڪت ڪئي، جنهن بعد ٻنهي جي وچ۾ ملاقاتن جو سلسلو شروع ٿيو، ۽ هاڻ اهي خبرون آهن ته اهو جوڙو جلد شادي ڪرڻ وارو آهي. سال 2005 ۾ هڪ مشهور نجومي اڳڪٿي ڪئي هئي ته پريانڪا چوپڙا 36 ورهين جي عمر ۾ شادي ڪندي. ميڊيا جي رپورٽن موجب گذريل مهيني پريانڪا پنهنجي 36 هين سالگرهه ملهائي ۽ ان دوران ئي نڪ جونانس کيس شادي جي آڇ ڪئي . ان کانسواءِ  نجومي وڌيڪ چيو هو ته ان وقت پريانڪا پروڊڪشن ڊيپارٽمنٽ ۾ سٺو ڪم ڪري رهي هوندي، هو پنهنجي پروڊڪشن ڪمپني جي هڪ ڪامياب پروڊيوسر هوندي ۽ ڪيتريون ئي علائقائي فلمون پڻ تياري ڪري چڪي هوندي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب پريانڪا ۽ نڪ جونانس جي شادي جي تقريب آمريڪي رياست”هوائي“ ۾ ٿيندي. پريانڪا جي امڙ مڌهو چوپڙا هندوستان ٽائمز کي کي ڏنل انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي ته جوڙي اڃان تائين شادي جي تاريخ طئي ناهي ڪئي ڇاڪاڻ ته هو ٻئي پنهنجن پنهنجن ڪمن ۾ تمام گهڻو مصروف آهن. مڌهو چوپڙا پنهنجي ناٺي نڪ جونانس جي تعريف ڪندي وڌيڪ چيو ته نڪ وڏن جي تمام گهڻي عزت ڪندو آهي، هو سدائين پُر سڪون رهندو آهي ۽ هو ڪافي ميچور پڻ آهي.هن ٻڌايو ته پريانڪا پنهنجي فيصلي تي خوش آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سارا علي خان پنهنجي ويڳي ماءُ جي نقش قدم تي هلڻ جي خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ ۾ نئي نئي انٽري ڏيندڙ اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے