21 بدھ , نومبر 2018

ميلڪولم ٽرن بل جي جبري استعفيٰ بعد اسڪاٽ موريسن آسٽريليا جو نئون وزيراعظم چونڊجي ويو

Australia's new PM is Scott Morrison as moderate Malcolm Turnbull is forced outڪينبرا(ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي وزيراعظم ميلڪولم ٽرن بل جي جبري استعفيٰ بعد حڪمران پارٽي اسڪاٽ موريسن کي ملڪ جو نئون وزيراعظم چونڊجي ويو. آسٽريليا ۾ گذريل ڪجهه سالن دوران سياسي عدم استحڪام سبب ڪو به وزيراعظم پنهنجو ٽن ورهين وارو آئيني مدو پوري ناهي ڪري سگهيو ۽ 11 ورهين دوران ڇهين وزيراعظم کي بيدخل ڪيو ويو آهي. وزارت اعظميٰ لاءِ  ناڻي واري وزير اسڪاٽ موريسن ۽ ڪابينا جي اڳوڻي وزير پيٽرڊٽن جي وچ ۾ مقابلو ٿيو ۽ آسٽريلوي پارليامنٽ ميمبرن ڳجهي راءِ شماري ذريعي نئين وزيراعظم جي چونڊ ڪئي. 45 اسمبلي ميمبرن اسڪاٽ موريسن جي حق ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ته پيٽر ڊٽن کي 40 ووٽ مليا جنهن بعد موريسن جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو ويو . ياد رهي ته حڪمران پارٽي لبرل پارٽي ۾ انرجي پاليسي جي حوالي سان وزيراعظم ميلڪولم ٽرن بل ۽ ۽ ڪجهه ميمبرن جي وچ ۾ سخت اختلاف هلي رهيا هئا.وزيراعظم ميلڪولم جي مخالف پيٽرڊٽن جي حامين طرفان سندس خلاف تحريڪ هلائي وئي ۽ مٿس زور وڌو ويو ته هو وزيراعظم جي عهدي لاءِ ٻيهر چونڊون ڪرائي پر هن ائين ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن بعد ميلڪولم ٽرن بل پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏيندي چيو ته هو وزارت اعظميٰ لاءِ ٻيهر ووٽ ڪرائڻ تي پنهنجي استعفيٰ کي ترجيح ڏيندو ۽ هو وڌيڪ سياست ۾ رهڻ نٿو چاهي. ميلڪولم ٽرن بل استعفيٰ ڏيڻ بعد پريس ڪانفرنس دوران پنهنجي سخت مخالف پيٽرڊٽن جي حامين جي سندس خلاف هلائي ويندڙ مهم جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته ڪيترن ئي آسٽريلين کي يقين ئي نٿو اچي ته هي ڇا ٿي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب خاشقجي جي قتل بابت سي آءِ اي جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب صحافي جمال خاشقجي بابت سي آءِ اي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے