16 جمعہ , نومبر 2018

رڳو هڪ قلم سان”تصوري دنيا“ جو شاهڪار فن پارو

Just sing the art of "the imaginary world" with a penنيويارڪ(ويب ڊيسڪ) ڪا به تصوير يا پينٽنگ ٺاهڻ لاءِ سڀ کان اول خاڪو تيار ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ ان تخليق کي خد و خال ڏنا ويندا آهن، پر رڳو هڪ ئي قلم سان لاڳيتو استعمال ڪندي  پوري تصويري دنيا تيار ڪرڻ انتهائي مشڪل ڪم آهي، پر هڪ آمريڪي فنڪار ان فن ۾ ماهر نڪتي. اوليويا ڪيمپ نالي مصور آمريڪا جي وِمبلڊن آرٽ ڪاليج مان ڊرائينگ ۾ ماسٽر ڪئي آهي ۽ جنون جي حد تائين ڊرائينگ ڪرڻ جو شوق رکي ٿي. جتي سمورن فنڪارن کي ڪا به تصوير يا اسڪيچ ٺاهڻ لاءِ مختلف پين ۽ برشن جو سهارو وٺڻو پوندو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ اوليويا ڪيمپ رڳو هڪ پوائنٽر سان پوري تصوير ٺاهي چڏيندي آهي. ڪيمپ جي ٺاهيل تصويرون رڳو هڪ يا ٻن ڪينوس تي ٻڌل ناهن هونديون پر انهن لاءِ هڪ پوري ڀت گهربل هوندي آهي جتي هو ڪيترن ئي پيپر شيٽن کي چنبڙائي پنهنجي مهارت جو مظاهرو ڪندي آهي. ڪيمپ هڪ ڪاري رنگ جي پوائنٽر سان تصوير ٺاهڻ جي شروعات ڪندي آهي ۽ ان تي رستا، گهر جهنگ ۽ نديون وغيرا جا منظر ٺاهيندي آهي جنهن کي هو ”تصوري دنيا قرار ڏيندي آهي. سندس چوڻ هو ته هو جتي به ويندي آهي، اتان جي منظرن مان متاثر ٿيندي آهي ۽ انهن يادن کي پنهنجي دلچسپ مهارت سان فن پارن جي شڪل ۾ قيد ڪري وٺندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Who are 17 Saudis under US sanctions for Jamal Khashoggi's killing?

سعودي صحافي جو قتل: آمريڪا 17 سعودي شهرين تي پابندي مڙهي ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪا سعودي صحافي جمال خاشقجي جي قتل ۾ ملوث 17 سعودي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے