15 جمعرات , نومبر 2018

 جواني ڦر نهي آني 2 پاڪستاني مداحن جون دليون کٽي ورتيون

jawani phir nahi ani 2 lovers lost their heartsڪراچي(شوبز نيوز) عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ريليز ٿيندڙ فلم”جواني ڦر نهي آني 2“ ٻين ٻن فلمن” لوڊ ويڊنگ“ ۽ پرواز هي جنون“ کي پوئتي ڇڏيندي هڪ ڀيرو ٻيهر ميدان ماري ورتو. وڏي عيد تي مقامي سينمائن ۾ ريليز ٿيل همايون سعيد ۽ فهد مصطفيٰ جي فلم”جواني ڦر نهي آني 2“ سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪري ميدان ماري ورتو آهي. پاڪستان ۾ فلم ريليز جي پهرين ڏينهن 3 ڪروڙ 22 لک جڏهن پاڪستان کان ٻاهر 2ڪروڙ 17 لکن جو بزنس ڪيو آهي.گڏيل طور تي جواني ڦر نهي آني 2 “ 5 ڪروڙ 39 لک رپين جو بزنس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. اداڪار حمزا علي عباسي، احد رضا مير ۽ هانيا عامر جي فلم”پرواز هي جنون“ کي پڻ مداحن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيوويو، فلم پنهنجي موضوع جي لحاظ کان پهرين مداحن جي توجهه حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي هئي. ماڻهن کي حمزا علي عباسي ۽ هانيا عامر جي ڪيمسٽري پسند آئي ۽ فلم ريليز جي پهرين ڏينهن هڪ ڪروڙ 79 لکن جي ڪمائي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. اداڪار فهد مصطفيٰ  ۽ مهوش حيات هن ڀيري جادو ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيا. عيد الاضحيٰ تي ريليز ٿيندڙ ٽنهي فلمن مان ”لوڊ ويڊنگ“ سڀ کان گهٽ بزنس ڪيو. ريليز جي پهرين ڏينهن رڳو 90 لک رپين جي ئي ڪمائي ڪري سگهي اميد ڪئي پئي وڃي ته ويڪ اينڊ تي سٺو بزنس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مستقبل جي ڪنهن کي به خبر ناهي هوندي: سارا خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے