14 بدھ , نومبر 2018

چيف جسٽس ثاقب نثار منرل واٽر ڪمپنين خلاف پاڻمرادو نوٽيس ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار منرل واٽر وڪرو ڪندڙ ڪمپنين طرفان پاڻي جي استعمال تي ٽيڪس ادا نه ڪرڻ جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار چئني صوبائي حڪومت ۽ چيف سيڪريٽرين کان 10 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪئي آهي. پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته  منرل وارٽر وڪرو ڪندڙ ڪمپنين جا ٽيوب روزاني هزارين گيلن پاڻي استعمال ڪري وڪرو ڪري ڇڏين ٿيون، اربين رپين جو مفت پاڻي استعمال ڪري پئسا ٺاهيا پيا وڃن، ٻڌيو وڃي ته اهي ڪمپنيون پاڻي جي استعمال تي ڪيترو ٽيڪس ادا ڪنديون آهن. چيف جسٽس پنجاب فورڊ اٿارٽي کي پاڻي وڪرو ڪندڙ ڪمپنين جي معيار جي حوالي سان رپورٽ 10 ڏينهن ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.عدالت چئني صوبن ۽ چيف سيڪريٽرين کان به 10 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے