11 منگل , دسمبر 2018

آمريڪي موقف حقيقت جي ابتڙ آهي، وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ اهم فيصلا ٿيا: پرڏيهي وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به وزيراعظم عمران خان سان آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري جي گفتگو دوران آمريڪي موقف رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان کي پرڏيهي معاملن جي حوالي سان پاڪستان کي موجود چئلينجن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته اثرائتي انداز ۾ پاڪستان جي ترجماني ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته 7 ورهين کانپوءِ پرڏيهي وزارت ۾ آيو آهيان، وقت گهڻو تبديل ٿي ويو آهي، جيڪا دنيا ڇڏي ويو هيس اڄ جي دنيا ان کان گهڻي مختلف آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جو استحڪام ۽ امن اسان جي ذميواري آهي ۽ خطي جو امن به ضروري آهي، پاڪستان کي معاشي ترقي جي به ضرورت آهي، ملڪ هاڻ اولهه جو محبوب ناهي رهيو. ڀارت جي حوالي سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ڳالهين جو فقدان هيو ۽ آهي پر اسان کي ڏسڻو پوندو ته اڳتي ڪيئن وڌڻو آهي، وزيراعظم به پنهنجي پهرين تقرير ۾ چيو هو ته جيڪڏهن توهان هڪ قدم اڳتي وڌو ته اسان ٻه قدم اڳتي وڌنداسين، تاڙي هڪ هٿ سان ناهي وڄندي. افغانستان بابت ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام اسان جي امن ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي، جيڪڏهن اسان آمريڪا سان لاڳاپن کي ڊيگهه ڏيڻ چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ ضرورتن کي سمجهڻو پوندو ۽ آمريڪا کي پنهنجا تقاضا به سمجهائڻا پوندا. هن چيو ته ايران اسان جو پاڙيسري آهي ۽ آمريڪا – ايران ڇڪتاڻ ڪنهن کان لِڪل ناهي، ايراني پرڏيهي وزير چيو ته هو پاڪستان اچڻ چاهي ٿو، هو 30 ۽ 31 آگسٽ تي پاڪستان اچڻ جو خواهشمند آهي، کيس ڀليڪار چئون ٿا. آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان عمران خان سان ڪيل ڳالهه ٻولهه بابت شاهه محمود قريشي وضاحت ڪئي ته آمريڪي پرڏيهي کاتي ٽيلي فون ڪال تي جيڪو موقف اختيار ڪيو، اهو حقيقت جي ابتڙ آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان ۽ آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري وچ ۾ سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي، هن وزيراعظم کي مبارڪ ڏني، آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته نئين حڪومت سان تعميري لاڳاپا چاهيون ٿا پر پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ دهشتگردن جو ذڪر حقيقت جي ابتڙ آهي، اها ڳالهه اعتماد سان چئي رهيو آهيان. هن چيو ته 5 سيپٽمبر تي آمريڪي پرڏيهي وزير طرفان پاڪستان اچڻ جو امڪان آهي، سندس اچڻ جو انتظار آهي، جڏهن هو ايندو ته ساڻس وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. پاڪ – چين لاڳاپن تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته اقتصادي راهداري منصوبو پاڪستان لاءِ اهم آهي، چين ۽ پاڪستان جي دوستي مثالي آهي ۽ رهندي، چيني پرڏيهي وزير 8 ۽ 9 سيپٽمبر تي پاڪستان ايندو. شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ٿيا، جن مان هڪ اهو هو ته غير ضروري پرڏيهي دورا نه ٿيندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهر ڊاهڻ لاءِ نه چيو آهي، حددخلين خلاف ڪارروائي جاري رهندي: سپريم ڪورٽ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته اسان ڪراچيءَ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے