18 اتوار , نومبر 2018

صدر، وزيراعظم ۽ ايم اين ايز جا صوابديدي فنڊ ختم ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا صدر، وزيراعظم ۽ ايم اين ايز جا صوابديدي فنڊ ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته وڏن شهرن ۾ وڏي پئماني تي ڪچيون آباديون موجود آهن، ان حوالي سان ٽاسڪ فورس ٺاهي ويندي. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا سڀ کان اهم فيصلو صوابديدي فنڊ ختم ڪرڻ جو ڪيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف 21 ارب رپيا صوابديدي فنڊ استعمال ڪيا، ان سان گڏوگڏ 30 ارب رپين جا فنڊ ايم اين ايز کي ڏنا ويا، هڪ سال ۾ 51 ارب رپين جا صوابديدي فنڊ استعمال ڪيا ويا. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جلسن ۾ چوندو هو مان اهو پئسو عوام تي خرچ ڪيو پر گذريل حڪومت ۾ سرڪاري ناڻي جو بي دردي سان استعمال ڪيو ويو، اهو عوام جي ٽيڪس جو پئسو آهي، جيڪو اهڙي ريت استعمال نٿو ڪري سگهجي، صدر جو ظاهري طور ڪو آئيني ڪردار نه رهيو پر ان به 8 کان 9 ڪروڙ رپين جا صوابديدي فنڊ استعمال ڪيا. فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم، صدر ۽ ايم اين ايز جا صوابديدي فنڊ ختم ڪيا ويا آهن، ڪنهن به منصوبي تي رقم خرچ ٿيڻي آهي ته اهو پارلياماني ڪميٽي ۾ پيش ٿيندو ۽ پوءِ رقم استعمال ٿيندي. هن چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ ڪم جو وقت تبديل ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي، ڪم جو وقت 9 کان شام 5 وڳي تائين هوندو پر في الحال ڇنڇر جي موڪل برقرار رهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم خاص جهاز استعمال نه ڪندو، جن ماڻهن کي فرسٽ ڪلاس جي سهولت هئي اها به ختم ڪئي وئي آهي، وزيراعظم جي خواهش آهي ته بادشاهن جيان پئسو خرچ ڪرڻ جو رواج ختم ٿيڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ ملتان، اسلام آباد، لاهور ۽ اورينج ٽرين منصوبن جي فرانزڪ آڊٽ ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي ۽ پوءِ جيڪڏهن ضرورت پئي ته ايف آءِ اي کان ان جي جاچ به ڪرائي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته تحريڪ انصاف ڪڏهن به ڪنهن به عوامي منصوبي کي بند ڪرڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي پر اسان جو پهرين ڏينهن کان موقف رهيو آهي ته انهن وڏن وڏن پراجيڪٽن پويان ڪرپشن آهي. هن چيو ته سي پيڪ جي منصوبن کي هر صورت ۾ مڪمل ڪيو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم قوم کي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪندو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان پنهنجي حڪومتي دور جا 100 ڏينهن پورا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے