16 جمعہ , نومبر 2018

ملڪ مان لوڊشيڊنگ جي خاتمي جي دعويٰ غلط قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاور ڊويزن ملڪ مان لوڊشيڊنگ جي مڪمل خاتمي جي دعويٰ کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو. ن ليگ جي گذريل حڪومتي دور ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي دعويٰ ڪئي هئي ته نيشنل گرڊ ۾ 10 هزار ميگا واٽ کان وڌيڪ بجلي شامل ڪئي وئي آهي ۽ سڄي ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿي ويو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاور ڊويزن اڳوڻي حڪومت جي دعويٰ کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاور ڊويزن اختيارين بجلي جي پيداوار ۽ لوڊشيڊنگ تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ملڪ مان لوڊشيڊنگ مڪمل طور ختم ڪرڻ جي دعويٰ درست ناهي، ڊسڪوز جي 39 سيڪڙو فيڊرن تي 2 کان 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، سنڌ، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ليگي حڪومت ڊسمبر 2017ع ۾ 61 سيڪڙو فيڊرن کي لوڊشيڊنگ فري ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ڪيترن ئي زيرو فيڊرن تي به لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے